مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)ڪشمير پريميئر ليگ (ڪي پي ايل) جي ٻئي ايڊيشن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي.ڪي پي ايل جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪشمير پريميئر ليگ ۾ 11 کان 25 آگسٽ تائين 25 ٽي ٽوئنٽي ڊي اينڊ نائٽ ميچ کيڏيا ويندا.ترجمان چيو ته ڪشمير پريميئر ليگ جي نشريات پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي معيار وانگر هوندي.هن چيو ته مظفر آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪشمير پريميئر ليگ جي ٻئي ايڊيشن جي ميزباني ڪندو. ترجمان اهو به چيو ته ڪي پي ايل کي اسپائي ڪيم، هاڪ آئي ۽ بگي ڪيم جي مدد سان ڍڪيو ويندو.










