ڪشميرجي حمايت ۾ ريلي، پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا

ميهڙ(غلام حسين پنھور) ميهڙ ۾ سني را ڪائونسل تعلقه ميهڙ پاران حافظ منظور چانڊيو ، حافظ حسين سيال ، يحيٰ مزاري ، محمد اشرف لاڙ ، قاري خليل مهيسر ، عبدالفتاح تيوڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير بني گا پاڪستان ريلي صديق اڪبر رضه محلا ميهڙ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي ريلي ۾ ڪشميرين ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي هنن ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير جي مظلوم مسلمانن سان ٿيندڙ مذمت ڪيون ٿا ۽ مودي سرڪار تي لعنت وجهون ٿا هنن چيو ته ڪشمير جي مظلوم مسلمان ڀائرن سان اظهار محبت ۽ انهن جي پاڪستان ۽ عوام سان والهانه محبت کي سلام عقيدت پيش ڪيون ٿا ۽ انهن کي يقين ٿا ڏياريون ته پاڪستاني عوام پاڪ فوج سان گڏ آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو