ڪلوئي (رپورٽ غلام مصطفي نهڙيو )ڪلوئي ۾ ڪشميرين سان اظھار يڪجھتي لاء ريلي ڪڍي وئي ۽ مودي جو پتلو ساڙيو ويو ڪشمير بني گا پاڪستان جا زوردار نعرا هنيا ويا . ڪلوئي ۾ ڪشميرين سان اظھار يڪجھتي جي حوالي سان هائير سيڪنڊري اسڪول ڪلوئي کان پريس ڪلب ڪلوئي تائين بينر کڻي ريلي ڪڍي وئي ۽ ڪشمير بني گا پاڪستان جا زوردار نعرا هنيا ويا، ريلي جي اڳواڻي هاء اسڪول جي استادن شامن داس، ڀرت ميگھواڙ ،الياس شيدي ۽ ٻين استادن ڪئي، ريلي ۾ ڪرونا وائرس سبب ايس او پي تي مڪمل عمل ڪيو ويو، ريلي پريس ڪلب اڳيان پهچي ڪشميرين جي حق ۾ زوردار نعرا هنيا ۽ مودي ڪتي تي لعنتون وڌيون ويون ۽ مودي جو پتلو ساڙيو ويو، انهي موقعي تي استادن ڳالهائيندي چيو ته مودي ڪشمير ۾ ظلم ڪري رهيو آهي، ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي، پاڪستان ۾ اسان مسلمان ۽ هندو ڀائرن وانگي رهون ٿا، اسان اقوام مت










