ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪشميري ٻڌي جي اظهار لاءِ علامتي واڪ، پ پ سيڪريٽريٽ کان مزار قائد تائين واڪ ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ پ پ اڳواڻن به شرڪت ڪئي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪشمير مسئلو رڳو تقريرن سان حل نه ٿيندو، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ حڪومت سان گڏ آهيون.

عالمي برادري کي اپيل آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي، ڪشمير مسئلو خطي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارت دنيا جي تاريخ ۾ ڊگهي ۾ ڊگهو ڪرفيو ڪشمير ۾ لاڳو ڪيو ويو پر ڪشميري ڀارتي ظلمن باوجود سرخرو ٿيا.










