ڪشمور واسي جوڙي سميت پسند جي شادي تان 4 ڄڻا قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ عيد ڏهاڙي 2 عورتن سميت 4 ڄڻن جا تشدد ٿيل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن. ڪورنگي جي علائقي ڪيفي ڪنارا هوٽل ڀرسان ڪشمور واسي جوڙي جا گوليون لڳل لاش مليا آهن. عورت جي امام زادي جمالي ۽ نوجوان جي سڃاڻپ راشد جي نالي سان ٿي آهي. ٻنهي کي مقتولا جي ڀاءُ شريف جمالي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي.جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب مقتولا جا 2 معصوم ٻارڙا نجمه ۽ شهزاد زخمي ٿي پيا آهن، ذريعن موجب ٻنهي جو تعلق ڪشمور سان آهي. پوليس مطابق نوجوان راشد عورت امام زادي جمالي کي پسند ڪندو هو، واقعو ڪارنهن تڪرار جو نتيجو لڳي ٿو. ٻئي واقعي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو بيدردي سان قتل ٿيو آهي. جوهر آباد واري علائقي مان عيد ڏهاڙي جوڙي جا گهر مان پراڻا لاش ملياآهن. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول زاهد ۽ ثميرا ڪجهه عرصو اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي، عورت جي ڀاءُ ٻنهي کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو، گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي جوڙي جا لاش هٿ ڪيا ويا. پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. جوهر آباد مان مليل لاشن جو ڪيس منگهو پير ٿاڻي تي داخل آهي ۽ ملزم جي والد جي اطلاع تي گرفتاري عمل ۾ آئي.

پهنجو تبصرو موڪليو