ڪشمور جي پٽ فيڊر ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻه نينگر فوت

ڪشمور جي پٽ فيڊر ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻه نينگر فوت

ڪشمور (رپورٽ علي حسن سومرو ) ڪشمور جي پٽ فيڊر ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻه نينگر ٻڏي فوت ٿي ويا فوتين جي سڃاڻپ 7 ورهين جي اسماعيل لاشاري ۽ 10 ورهين جي ياسر لاشاري طور ٿي آهي ذريعن موجب ٻئي نينگر وهنجڻ لاءِ ڪئنال ۾ لٿا هئا ته اوچتو گهري پاڻي ۾ وڃڻ سبب ٻڏي ويا اطلاع ملڻ تي مقامي ماڻهن ۽ امدادي اهلڪارن ڳولا بعد ٻنهي جا لاش پاڻي مان ڪڍي ورتا واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي جڏهن ته لاش وارثن حوالي ڪيا ويا پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي

پهنجو تبصرو موڪليو