ڪشمور(رپورٽ علي حسن سومرو) ڪشمور ڪچي گنڍير واري علائقي ڳوٺ خان صاحب لڳ چورن ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ هڪ ڀاڳيو قتل ڀاڳين جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ چور ارباب ڪوش قتل جڏهن ته هڪ چور زاهد شر زخمي ٿي پيو آهي ، ڳوٺ خان صاحب ۾ چورن خالطي برادري جي گهرن ۾ گهڙي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ ۾ گھر ڌڻي عبدالعزيز خالطي موقعي تي ئي قتل ٿي ويو ڀاڳين جي فائرنگ ۾ هڪ چور قتل ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي ،واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي وئي آهي ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن نوگو ايريا هجڻ سبب ڪشمور پوليس واقعي واري هنڌ ناھي پهتي










