ڪرڪٽ ٽيمون ٽي ٽوئنٽي ميچز لاءِ لاهور پهچي ويون

لاهور(ويب ڊيسڪ) ون ڊي سيريز جي خاتمي بعد پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ڪرڪٽ ٽيمون ڌار ڌار فلائيٽس ۾ لاهور پهچي ويون آهن. پاڪستاني ٽيم صبح جي وقت ۽ سريلنڪا جي ٽيم ٽپهري جو لاهور پهتيون. جتان کين انتهائي سخت سيڪورٽي ۾ هوٽلز تي پهچايو ويو.

جتي سندن ڀرپور استقبال ڪندي کين گلدسته پيش ڪيا ويا ۽ مٿن گلن جي ورکا به ڪئي وئي. ٽيمن سان گڏ آءِ سي سي آفيشلز، ڪمنٽيٽرز، امپائرز، گرائونڊ اسٽاف ۽ ميڊيا ٽيمون به لاهور پهچي ويون آهن. ٻئي ٽيمون جمع تي پريڪٽس ڪنديون ۽ ٽي 20 جي ٽن مئچن جي سيريز مان پهرين ميچ 5 آڪٽوبر ڇنڇر تي کي_ي ويندي. ٻيون ميچز 7 ۽ 9 آڪٽوبر تي رٿيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو