ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سينيئر سول جج اياز علي کي جبري ريٽائر ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ميمبر انسپيڪشن ٽيم جو چوڻ آهي ته سينيئر سول جج اياز علي ڪناسرو خلاف بدعنواني (ڪرپشن) جا الزام ثابت ٿيا، انڪوائري آفيسر جسٽس شمس الدين عباسي ڪيس جي تفصيلي جاچ ڪئي هئي. ميمبر انسپيڪشن ٽيم چيو آهي ته مجاز اٿارٽي پاران ’نوڪري مان برطرفي‘ جي سفارش ڪئي وئي هئي، پر چيف جسٽس آخري ٻڌڻي ۽ سمورن حقائق جو جائزو وٺڻ کانپوءِ جبري ريٽائرمنٽ جي سزا مقرر ڪئي. ميمبر انسپيڪشن ٽيم جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اهو حڪمنامو فوري طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي.










