ڪراچي(ويب ڊيسڪ)تڪراري بيانن سبب خبرن ۾ رهندڙ مُفتي قويءَ حيران ڪن دعويٰ ۽ انڪشاف ڪيو آهي ته هن بالي ووڊ جي بيبو سڏجندڙ ڪرينا ڪپور سان شادي ڪري رکي هئي، هوءَ سندس زال رهي آهي.
مفتي قوي تازو هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ڀارتي اداڪارائن سان تعلقات سميت بالي ووڊ سان پنهنجن رابطن بابت حيران ڪندڙ دعوَائن جو انڪشاف ڪيو.
هن ٻڌايو ته هو جوانيءَ کان ئي خوبصورت رهيو آهي، ڪيترائي سال اڳ کيس “سيٺ شاهِد” جي نالي سان پڪاريو ويندو هو، سندس تعلقات دبئي ۽ ڀارتي واپاري حضرات ۽ عالمن سان هئا.
هن مطابق هن جو ڀارت اچڻ وڃڻ ٿيندو هو ۽ اتي ويندي ئي سندس خواهشون به جاڳي پونديون هيون، جن تي سندس مقامي دوست پڇندا هئا ته ڪير کپي؟
مفتي قوي حيران ڪن دعويٰ ڪئي ته ڪرينا ڪپور سان سندس شروعاتي تعلق 1996ع ۾ ٿيو، جڏهن اداڪارا جي عمر لڳ ڀڳ 21 کان 23 ورهيه هوندي ۽ 1999 تائين ٻنهي جي وچ ۾ گهڻا ويجها لاڳاپا بڻجي ويا.
هن چيو ته هندن وٽ به الهامي ڪتاب آهي ۽ مسلمان، هندو عورتن سان شادي ڪري سگهن ٿا، تنهنڪري هن به ڪرينا ڪپور سان شادي ڪئي هئي.
هن ٻڌايو ته ڪرينا ڪپور به پاڪستان جي “ڀاڀي” رهي آهي، ڇو ته هوءَ سندس زال رهي چڪي آهي، سندس نڪاح ۾ هئي.
هن هڪ ٻئي حيران ڪندڙ دعويٰ ڪئي ته شايد ڪرينا ڪپور سندس “سيٺ شاهِد” واري نالي کان متاثر ٿي ۽ ان وقت ڪرينا ايتري وڏي اداڪارا نه هئي، تنهنڪري سندن شادي ٿي وئي.
مفتي قوي هي به دعويٰ ڪئي ته ڪرينا ڪپور جي سيف علي خان سان شادي وقت ڀارتي عالمن ان نڪاح کي حرام قرار ڏنو، پر هن ان کي حلال قرار ڏنو.
هن ٻڌايو ته ڪرينا ڪپور سندس نڪاح ۾ هئڻ سبب هن کلم کلا سيف علي خان سان سندس نڪاح جي حمايت ڪئي.
هن اهو به ٻڌايو ته جيڪڏهن اڄ به ايشوريا راءِ طرفان شاديءَ جو پيغام اچي ته هو تيار آهي، هوءَ هن کي شروع کان ئي وڻي ٿي.
جيتوڻيڪ مفتي قوي دعويٰ ڪئي ته ڪرينا ڪپور سندس زال رهي آهي ۽ هن سان نڪاح ڪيو هو، پر اهو نه ٻڌايو ته طلاق ڪڏهن ۽ ڇو ٿي؟
ياد رهي ته مفتي قوي اڳ ۾ فتوا ڏني هئي ته هڪ حد تائين شراب پيئڻ جي اسلام ۾ اجازت آهي.










