ڪرن جي شادي جي تقريب ۾ فلمي ستارن جي شرڪت

ڪرن جي شادي جي تقريب ۾ فلمي ستارن جي شرڪت

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ ليجنڊ اداڪار ڌرميندرا جو پوٽو ۽ اداڪار سني ديول جو پٽ ڪرن ديول شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪرن ديول ۽ دريشا آچاريا ممبئي ۾ شادي ڪئي جنهن ۾ گهرڀاتين ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي.ڪرن ديول، ڪريم رنگ جي شيرواني ۾ ملبوس روايتي انداز ۾ گهوڙي تي سوار ٿي پنهنجي ڪنوار کي وٺڻ آيو، جلوس ۾ سندس ڏاڏو ڌرميندر ۽ چاچو بوبي ديول به موجود هئا.بعد ۾ ممبئي ۾ هڪ استقباليه تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي نامور شخصيتن شرڪت ڪئي.استقباليه ۾ شتروگن سنها، پريم چوپڙا، راج ببر، انوپم کير، جيڪي شراف، عامر خان ۽ سلمان خان سميت ڪيترن ئي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي.گذريل ڏينهن سنگيت جي تقريب منعقد ڪئي وئي هئي جنهن ۾ بالي ووڊ ستارا پڻ خاندان جي ٻين ميمبرن سان گڏ نظر آيا.تقريب ۾ موسيقي ۽ ناچ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سني ديول ۽ سندس پيءُ، ليجنڊ اداڪار ڌرميندر، مکيه ڪشش هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو