ڪرنسي ذخيرو ڪرڻ تي ڏنڊ، لک ڊالر آڻڻ جي ڇوٽ، قانون متعارف

ڪرنسي ذخيرو ڪرڻ تي ڏنڊ، لک ڊالر آڻڻ جي ڇوٽ، قانون متعارف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال 24-2023 جي بجيٽ ۾ اهم قانون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب حڪومت ڊالر ۽ ٻين ڪرنسي جي ذخيره اندوزي کي سزا ڏيڻ لاءِ قانون سازي جو فيصلو ڪيو آهي.پرڏيهي ڪرنسي جي ذخيره اندوزي کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي.نئون قانون پرڏيهي ڪرنسي ذخيرو ڪندڙ ادارن ۽ فردن تي لاڳو ٿيندو.ملڪ ۾ پرڏيهي ڪرنسي آڻڻ جي حد وڌائڻ لاءِ قانون متعارف ڪرايا پيا وڃن.انهن ضابطن تحت پرڏيهه مان ايندڙ هڪ سال دوران هڪ لک ڊالرن تائين آڻي سگهندا.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته 1 لک ڊالرن تائين ملڪ ۾ آڻيندڙن کان سندن آمدني جو ذريعو نه پڇيو ويندو.هن وقت 50 لک روپين جي ڪرنسي آمدني جو اعلان ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ۾ آڻي سگهجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو