ڪراچي ۾ 2019 دوران 545 ريپ ڪيس رپورٽ ٿيا

ڪراچي ۾ 2019 دوران 545 ريپ ڪيس رپورٽ ٿيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گادي واري شهر جي ٽن وڏين اسپتالن ۾ 2019 دوران ريپ جا 545 ڪيس رپورٽ ٿيا. جن مان 407 عورتن سان ريپ ۽ 138 بدفعلي بابت هئا. اهي ڪيس جناح اسپتال، عباسي شهيد ۽ رٿ فائو سول اسپتال ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب پوليس سرجن پاران مرتب ڪيل رپورٽ ۾ متاثره ماڻهن جون عمريون رڪارڊ ناهن ڪيون ويون. ڊاڪٽر قرار احمد عباسي موجب اهڙن ڪيسن جي رپورٽ ٿيڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته 2013 کان 2019 تائين 2500 ريپ ڪيسز ۽ 593 بدفعلي جا ڪيس رپورٽ ٿيا. 1163 ماڻهن کي طبي معائني لاءِ اسپتال به آندو ويو.  

پهنجو تبصرو موڪليو