لاهور(ويب ڊيسڪ)ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق به آچر کان ڪراچي تائين ٽرين هلڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.ريلوي واري وزير چيو ته پهرين مرحلي ۾ روهڙي کان بحال ٿيل 2 ٽرينن کي ڪراچي تائين هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خيبر ميل ۽ رحمان بابا ايڪسپريس 2 آڪٽوبر کان ڪراچي تائين هلنديون.هن چيو ته قراقرم، ڪراچي ايڪسپريس، پاڪ بزنس ايڪسپريس به 5 آڪٽوبر کان بحال ڪئي ويندي، سموريون ٽرينون اضافي ڪوچن سان هلايون وينديون.خواجه سعد رفيق چيو ته لاهور ۽ ڪراچي وچ ۾ هلندڙ ٽرينن جو سراسري مدو 22 ڪلاڪ رکيو ويو آهي. سفر جو مدو 30 ڏينهن کان پوءِ جائزو ورتو ويندو ۽ بتدريج گھٽايو ويندو.










