ڪراچي ۾ ڪهر جي گرمي 57 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڪراچي ۾ ڪهر جي گرمي 57 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گادي واري شهر ۾ ڪهر جي گرمي آهي، عوام نه صرف ڏينهن جو پر راتيون به جاڳي گزارڻ تي مجبور آهي. ڪيترن علائقن ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ سبب شهري پريشان آهن. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سراسري گرمي جو پد 1967 ۾ 30.6 رڪارڊ ٿيو هو پر هن سال آڪٽوبر ۾ پيل سراسري گرمي جو پد 30.9 ڊگري آهي. ڪراچي ۾ سراسري گرمي جي پد جو 57 سالن جو پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. ڪراچي ۾ رات جي وقت گهٽ م گهٽ گرمي جو پد سراري طور 2023 ۾ 25.7 رڪارد ٿيو هو پر هن سال آڪٽوبر ۾ اهو رڪارڊ به ٽٽي ويو گرمي پد 26.3 رڪارد ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو