ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن ۾ هڪ ڄڻو گرفتار، 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن ۾ هڪ ڄڻو گرفتار، 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي عائشه منزل وٽ عوام پاران ڌاڙيل کي پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، شاهراهه فيصل تي ڪار ڪلٽي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اورنگي ٽائون ۾ بنارس ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيو.پوليس موجب عائشه منزل تي ڦر جي ڪوشش ڪندڙ 2 ڌاڙيل عوام جي هٿن ۾ اچي ويا.هڪ ڌاڙيل کي عوام سخت تشدد جو نشانو بڻايو جڏهن ته ٻيو ڌاڙيل فرار ٿي ويو، گرفتار ٿيل ڈاکو کي عوام تشدد بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب شاهراهه فيصل تي اسٽار گيٽ وٽ تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.ريسڪيو اختيارين موجب اورنگي ٽائون بنارس ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو