ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناظم آباد بلاڪ اي ۾ بائيڪو پيٽرول پمپ تي سلينڊر جي ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال شفٽ ڪندڙ ايڌي جي ڊرائيور ۽ پوليس تصديق ڪئي آهي. ڊي آءِ جي ناصر آفتاب جو چوڻ آهي ته پمپ جي اليڪٽرڪ روم ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جو اثر آس پاس محسوس ڪيو ويو. هن چيو ته هي حادثو آهي.










