ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ شهر ۾ موذي مرض سبب وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا آهن.انتظاميا طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ 324 ڊينگي جي ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 36، شهيد بينظير آباد ۾ 15 ۽ سانگهڙ ۾ 3 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن.ٻئي طرف خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ڊينگي تي ضابطو نه اچي رهيو آهي، خيبرپختونخواهه جي 5 ضلعن پشاور، خيبرپختونخواهه، مردان، نوشهره ۽ هري پور کي ڊينگي جو خطرو قرار ڏنو ويو آهي، صوبي ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 307 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڊينگي وائرس جي تشخيص ڪئي وئي آهي.پنجاب جي شهر راولپنڊي ۾ 80 ڄڻن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته لاهور ۾ ڊينگي جا 62 نوان مريض سامهون آيا آهن.










