ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان

ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ 24 کان 36 ڪلاڪن دوران ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.موسميات جي تجزيه نگار جواد ميمڻ موجب ڪراچي ۾ مغربي هوائن جي سسٽم سبب ٿڌي هوائن جو رخ تبديل ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب 24 کان 36 ڪلاڪن دوران ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.موسميات جي تجزيه نگار موجب ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ ٿڌ جي لهر اچڻ جو ڪو به امڪان ناهي، پر ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن تائين راتيون ٿڌيون رهنديون.موسميات جي تجزيه نگار جو چوڻ آهي ته هوائن جي رخ ۾ تبديلي سبب ڏينهن جو گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي، گرمي پد 28 کان 30 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 10 کان 14 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو.موسميات جي تجزيه نگار موجب اولهه واري هوائن جي نظام سبب ڪراچي جي اتر ۽ اولهه وارن علائقن ۾ برسات پئجي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو