پي ايس ايل ميچن دوران روڊ بند نه ڪيا ويندا: ٽريفڪ پوليس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ٽريفڪ پوليس ڪراچي ۾ پاڪستان سپر ليگ سيزن 9 جي ميچن جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.ٽريفڪ پوليس موجب ڪراچي ۾ ميچن دوران ڪو به روڊ ٽريفڪ لاءِ بند نه ڪيو ويندو.پوليس جو چوڻ آهي ته ميچن دوران سهراب گوڙ کان نيپاه تائين ۽ لياقت آباد نمبر 10 کان حسن اسڪوائر تائين سخت ٽريفڪ بند ڪئي ويندي. ان کان علاوه پيپلز چورنگي کان يونيورسٽي روڊ ۽ ڪارساز کان اسٽيڊيم، ملينيم شاپنگ مال کان نيو ٽائون تائين هيل ٽريفڪ جي داخلا بند هوندي.ٽريفڪ پوليس جي انتظامن موجب پي ايس ايل ميچن دوران اسٽيڊيم سگنل کان حسن اسڪوائر تائين هيل ٽريفڪ جي داخلا به بند ڪئي ويندي.واضح رهي ته پي ايس ايل جون ميچون اڄ کان ڪراچي ۾ شروع ٿي رهيون آهن ۽ پي ايس ايل جو فائنل به ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو، اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جون ٽيمون نيشنل اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو