ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 2 جوابدارن سميت 4 انتهائي گهربل ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري ورتو.سچل انويسٽيگيشن پوليس عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تي ڇاپو هڻي 2 انتهائي گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.ڪجهه عرصو اڳ گلستان جوهر ۾ جوابدار بئنڪ مان 17 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا.سچل گوڙ ۾ جوابدارن گهر مان 25 لک رپين جي ڦر جي واردات ڪئي، واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي.ٻئي طرف ملير شاهه لطيف گلستان سوسائٽي ۾ پوليس مقابلي بعد 2 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.ايس ايس پي ملير موجب گرفتار جوابدارن ۾ نعمت الله ۽ شهزاد عرف جانا شامل آهن.پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان 2 پستول، موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدار مختلف علائقن ۾ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث آهن.










