ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت شهر ۾ پاڻي چوري خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ واٽر بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري ۽ واٽر بورڊ جي عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس کي بريفنگ ڏيندي لاڳاپيل عملدارن ٻڌايو ته ڪراچي کي 1000 ايم جي ڊي پاڻي جي ضرورت آهي ۽ هن وقت ڪراچي کي 580 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، 174 ايم جي ڊي پاڻي جا لائين لاسز آهن.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته شهر ۾ وڇايل پاڻي جون لائينون تمام پراڻيون آهن، جنهن سبب پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي ورڇ جو مسئلو آهي، واٽر سپلاءِ جا پراڻا پائپ مٽائڻا پون ٿا، پاڻي جون لائينون وڇائڻ لاءِ 1.59 ملين رپين جي اسڪيم تي ڪم جاري آهي. وڏي وزير ايندڙ مالي سال ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي اسڪيم کي مڪمل فنڊ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اسڪيم تي ڪم تيز ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. مراد علي شاهه چيو ته اسڪيم تي ڪم سست رفتاري سان جاري آهي، ان کي تيز ڪيو وڃي، شهر جي هر علائقي کي پاڻي ملڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير شهر ۾ پاڻي چوري خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي.










