ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي صدر ۾ صبح سان ڦر جي وڏي واردات ٿي، جتان ڦورو 35 آءِ فون ڦري هليا ويا.صدر جي اسٽار سٽي مال ۾ علي الصبح ڦورو هڪ دڪان جو ڪائونٽر شيشو ٽوڙي 35 آءِ فون کڻي ويا.پوليس موجب مال ۾ رات جي وقت به سيڪيورٽي گارڊ موجود هوندا آهن، واردات ڪيئن ٿي ۽ ان ۾ ڪير ملوث آهي ان حوالي سان جاچ ڪيون پيا.پوليس ٻڌايو ته واردات وقت دڪان ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائن جو سسٽم به بند هو.










