ڪراچي ۾ وڄ ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾ 23 ماڻهو فوت

ڪراچي ۾ وڄ ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾ 23 ماڻهو فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوهر موڙ لڳ وڄ ڪرڻ سبب رهائشي اپارٽمينٽ جي ڀت ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا. ڪراچي جي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ موجب جوهر واقعي سميت ڀتيون ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 15 ماڻهو فوت ٿيا، ڇتيون ڪرڻ سبب 2، پاڻي ۾ ٻڏڻ سبب 4، ڪرنٽ لڳڻ ۽ موٽر سائيڪل حادثي ۾ هڪ هڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن. ياد رهي ته سنڌ حڪومت جولاءِ کان شروع ٿيل مون سون جي بارش دوران 25 آگسٽ تائين 30 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. ان حساب سان مون سون جي 5 اسپيلز دوران ڪراچي ۾ 27 آگسٽ تائين 48 ماڻهو مري چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو