ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان مختلف علائقن ۾ برسات، روڊ پاڻي هيٺ

ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان مختلف علائقن ۾ برسات، روڊ پاڻي هيٺ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي. بلديا ٽائون، اورنگي ٽائون، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد ۽ نارٿ ڪراچي ۾ برسات پئي، ٻن ڏينهن کان جاري برسات جو پاڻي ڪورنگي ڪاز وي تي موجود آهي.ناظم آباد نمبر 7 ۾ واهه ٻڏي ويو، پاڻي جمع ٿيڻ سبب مين روڊ تي پاڻي بيهجي ويو، ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي. ٻئي طرف مون سون جي برساتن کي نظر ۾ رکندي موسميات کاتي اڄ کان ملڪ ۾ مون سون هوائن جو نئون سسٽم داخل ٿيڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. عيد جي ٽن ڏينهن تي اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا ڊويزن ۽ ڪراچي ۽ بلوچستان سميت سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو