ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت ۾ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ماڊل ٿاڻا ٺاهيا ويندا آئي جي سنڌ چيو ته ٿاڻن جي نئين سر تنظيم وقت جي گهرج آهي ننڍن ٿاڻن کي ڇو نه وڏن ٿاڻن ۾ ضم ڪيو وڃي هن چيو ته ٿاڻن تي ٻڌل پوليسنگ جي سطح کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو آئي جي سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ 100 کان مٿي پوليس اسٽيشنون آهن پوليس جو انگ وڌائڻ لاءِ انتظامي ۽ مالياتي معاملن کي وڌائڻو پوندو ان موقعي تي ايڊيشنل آئي جي ڪراچي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي ڪاميٽي ننڍن ٿاڻن کي وڏن ٿاڻن تي ضم ڪرڻ جون سفارشتون تيار ڪندي ڪاميٽي ننڍن ٿاڻن جي چيڪ پوسٽنگ يا رپورٽنگ سينٽر ۾ تبديلي بابت رپورٽ ٺاهيندي بهترين سفارشن تي ٻڌل مسودو تيار ڪري اماڻيو ويندو جڏهن ته سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسرن کي مقرر ڪيو ويندو ايڊيشنل آئي جي ڪراچي جاويد عالم چيو ته شهري ۽ ٻهراڙي ٿاڻن جي پوليسنگ ۾ چٽو فرق آهي ٿاڻن جي نئين سر تنظيم جي حوالي سان ايڪرسائيزز اڻٽر ٿي چڪيون آهن ايڊيشنل آئي جي جاويد عالم اوڍو آئي جي سنڌ جي قدمن کي بهترين قرار ڏنو جڏهن ته اجلاس ۾ سنڌ صوبي جا سمورا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا.










