جشن آزادي هوائي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا 100 کان مٿي زخمي

جشن آزادي هوائي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا 100 کان مٿي زخمي

ڪراچي (ويب ديسڪ)اڄ سڄي ملڪ ۾ ڀارت خلاف تاريخي فتح ۽ آزادي جو جشن ملهايو پيو وڃي. ڪراچي ۾ رات 12 وڳي مختلف علائقن ۾ آتشبازي سان شديد هوائي فائرنگ ڪئي وئي.پوليس جي سخت وارننگن جي باوجود، شهر ۾ هوائي فائرنگ جا واقعا رپورٽ ٿيا، پوليس سرجن سميه سيد موجب ٽن مختلف اسپتالن ۾ 109 گوليون لڳڻ سبب زخمي آندا ويا آهن، جن مان ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هڪ ڇوڪري سميت 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 109 زخمي ٿيا.عزيز آباد بلاڪ 8 ۾ هوائي فائرنگ ۾ هڪ 8 سالن جي ڇوڪري مارجي وئي ۽ ڪورنگي 3.30 تي هوائي فائرنگ ۾ اسٽيفن نالي هڪ شخص مارجي ويو.ريسڪيو ذريعن موجب، لياقت آباد ۽ اورنگي ٽائون ڊبا موڙ ويجهو هوائي فائرنگ ۾ ٻه عورتون زخمي ٿيون.چاندني چوڪ جي پاپوش نگر ويجهو هوائي فائرنگ ۾ نصرت الله زخمي ٿيو، جڏهن ته لياري ڪالا ڪوٽ ۾ هوائي فائرنگ ۾ رميز نالي هڪ شخص زخمي ٿيو.لي مارڪيٽ پان منڊي ويجهو هوائي فائرنگ ۾ خرم نالي هڪ شخص زخمي ٿيو ۽ شريف آباد ايف سي ايريا ۾ هوائي فائرنگ ۾ علي چند نالي هڪ شخص زخمي ٿيو، جڏهن ته لياقت آباد پوسٽ آفيس ويجهو هوائي فائرنگ ۾ وسيم زخمي ٿيو.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته 5 زخمين کي سول اسپتال، 3 کي جناح اسپتال ۽ 11 کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمين ۾ 15 مرد، 2 عورتون، هڪ ٻار ۽ هڪ ڇوڪري شامل آهن.ريسڪيو ذريعن موجب، شهر قائد ۾ هوائي فائرنگ ۾ زخمين جو انگ هاڻي تائين 44 تائين پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو