ڪراچي (شهزادو مستوئي) سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون ۽ جمعي نماز جي اجتماعن تي پابندي جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي رڳو ڪراچي ۾ 88 ايف آءِ آرز داخل ڪري 38 پيش امامن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب ملير ضلعي ۾ 16 ايف آءِ آرز داخل ڪري 6 مولوين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪراچي ويسٽ ۾ 8 ايف آءِ آرز داخل ڪري 3 پيش امامن، ڪراچي ڏکڻ ۾ 3 ايف آءِ آرز داخل ڪري هڪ شهري کان علاوه شهر جي مختلف علائقن ۾ 8 ٻيون ايف آءِ آرز داخل ڪري 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته نيو ميمڻ مسجد ۽ ڊفينس جي بيت الاسلام مسجد جي پيش امامن، موذن ۽ خادمن جا نالا به ايف آءِ آرز ۾ داخل آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد انگ 1465 ٿي ويو آهي ۽ پنجاب ۾ سڀني صوبن کان وڌيڪ يعني 500 ڪيس ٿي ويا آهن. هڪ وڌيڪ مريض جي وفات سبب مرندڙن جو انگ 12 ٿي ويو آهي. جن ۾ 5 پنجاب، 4 خيبرپختونخواهه، هڪ هڪ سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت شامل آهن. دنيا ۾ وائرس جي مريضن م تيزي بدستور برقرار آهي ۽ ٽوٽل مريضن جو انگ 6 لک 23 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي، جڏهن ته 28 مارچ تي پاڪستاني وقت موجب رات ساڍي نائين وڳي تائين دنيا ۾ مرندڙن جو انگ 28841 ٿي چڪو هو. جڏهن ته هڪ لک 37 هزار کان مٿي مريض ٺيڪ ٿي چڪا هئا. آمريڪا ۾ هڪ لک 6 هزار کان مٿي مريض ٿي ويا آهن مرندڙن جو انگ 1750 کان مٿي ٿي ويو آهي، اٽلي ۾ 9هزار کان مٿي ماڻهو مري چڪا، اسپين ۾ پوڻا ست سو ماڻهو ڪالهه رات تائين مري وڃڻ سبب فوتين جو انگ 5800 کان مٿي ٿي ويو آهي. برطانيا ۾ 260 ماڻهو مرڻ بعد فوتين جو انگ 1000 کان ٽپي ويو آهي. فوتين ۾ پاڪستاني داڪٽر به شامل آهي. ايران ۾ ڪالهه 139 فوتگين بعد مرندڙن جو انگ اڍائي هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.










