ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي شارع فيصل تي ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) تي دهشتگردن جي حملي کانپوءِ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ پوليس تصديق ڪئي آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.پوليس اختيارين موجب حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا.ذريعن موجب حملو شام 7 لڳي 10 منٽن تي ڪيو ويو، ڪراچي پوليس آفيس ۾ 8 کان 10 حملي آورن جي موجودگي جا اطلاع آهن، پوليس آفيس جي ويجهو به زوردار فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، بتيون ۽ دروازا به بند آهن. هيڊ ڪوارٽر بند ڪيو ويو آهي..پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي آور پوليس لائنز ذريعي داخل ٿيا ۽ دهشتگرد ڪي پي او جي پارڪنگ ايريا ۾ به موجود آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ پوليس آفيس جو گهيرو ڪيو ويو آهي ۽ شارع فيصل جي ٻنهي رستن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
20 عملدارن جي ميمبرن کي بچايو ويو
رپورٽن مطابق ڪي پي او جي ٽين منزل کي به ڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ 20 اهلڪارن کي بچايو ويو آهي.ڪي پي او آفيسن مان ريسڪيو ڪيل 20 ماڻهن کي گرائونڊ فلور تي آندو ويو آهي.اسپيشل سڪيورٽي يونٽ جي ترجمان موجب دهشتگردن خلاف ڪمانڊوز جو آپريشن جاري آهي ۽ عمارت جي چوٿين ماڙ کي به ڪليئر ڪيو ويو آهي.
ڪراچي پوليس آفيس جي ڇت تي دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو
پوليس اختيارين موجب سيڪيورٽي اهلڪار جڏهن عمارت جي مٿين منزل تي پهتا ته دهشتگرد ڪراچي پوليس آفيس جي ڇت تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هينئر تائين 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جن مان 2 مقابلي ۾ مارجي ويا ۽ ٻن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
دهشتگردن 2 کان 3 طرفن کان حملا ڪيا، ڊي آءِ جي ڏکڻ
ڊي آءِ جي سائوٿ جو چوڻ آهي ته دهشتگرد مڪمل تياري سان آيا هئا، دهشتگردن 2 کان 3 طرفن کان حملو ڪيو، عمارت ۾ 40 کان 50 ماڻهو موجود آهن، حملي آورن سان ڀرپور مقابلو ڪري رهيا آهيون، سڄي شهر مان فورس موجود آهي، رينجرز ۽ فوج موجود آهي، دهشتگردن جو حتمي انگ معلوم ناهي، ماڻهو عمارت اندر ڦاٿل آهن ۽ آپريشن جاري آهي. اختيارين موجب پوليس ٽين منزل کي ڪليئر ڪيو آهي ۽ ٽين منزل تي دهشتگردن جا 3 ٿيلها هٿ ڪيا ويا آهن، ٽن بيگزين ۾ گوليون ۽ بسڪيٽ موجود آهن.
دهشتگردن جي حملي ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا
پوليس اهلڪارن دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻن جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي. ٻنهي ڄڻن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. جناح اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 11 زخمي ۽ 2 مڙهه آندو ويو آهي، زخمين ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪار به شامل آهن. زخمي ريسڪيو اهلڪار کي 2 گوليون لڳيون آهن، سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.ڪراچي صدر پوليس لائين جي احاطي مان هڪ ڪار هٿ آئي آهي جنهن جا چار ئي دروازا کليل آهن ڪراچي صدر پوليس لائن جي احاطي مان هڪ ڪار هٿ آئي آهي جنهن جا چارئي دروازا کليل آهن. ان کان علاوه ڪراچي پوليس هيڊ آفيس جي مين گيٽ وٽان هڪ ڪار به هٿ آئي آهي، دهشتگرد انهن ٻن ڪارن ۾ حملي لاءِ آيا هئا. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ اهلڪارن طرفان ٻنهي گاڏين جي چيڪنگ ڪئي پئي وڃي، هڪ گاڏي عمارت جي پويان ۽ ٻي سامهون بيٺل نظر آئي، حملي آور ڇت تي پهچي پوزيشن سنڀالي ورتي آهي، ڇت تي وڃڻ لاءِ واحد رستو آهي
وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي مذمت
وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي وزيراعظم دهشتگردن جي حملي بابت سنڌ جي وڏي وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم گهرو وزير کي دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ مڪمل سهڪار جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري رياستي قوت استعمال ڪرڻي پوندي، دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي نشانو بڻايو آهي، پوليس جو عزم اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ٽوڙي نٿا سگهن، پوري قوم پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺي آهي.وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ڪي پي او تي حملي جي مذمت
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪي پي او تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ پوليس اڳ به دهشتگرديءَ کي ڪُٽي چڪي آهي، مون کي يقين آهي ته ٻيهر دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين، اهڙا بزدلاڻا حملا اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن.










