ڪراچي ۾ سيپٽمبر ۾ گرمي پد معمول کان گهٽ رهيو: تجزيه نگار

ڪراچي ۾ سيپٽمبر ۾ گرمي پد معمول کان گهٽ رهيو: تجزيه نگار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات جي ماهر جواد ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ گرمي پد معمول کان 2 کان 3 ڊگري سينٽي گريڊ گهٽ رهيو.جواد ميمڻ جو چوڻ هو ته آڪٽوبر جي پهرين هفتي تائين گرمي پد معمول کان هيٺ رهي سگهي ٿو، آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ هيٽ ويو جو ڪو به امڪان ناهي.موسميات جي تجزيه نگار جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 6 يا 7 آڪٽوبر کان گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، ميانمار کان ايندڙ سامونڊي طوفان جا باقي بچيل خليج بنگال ۾ داخل ٿي سگهن ٿا.هن چيو ته خليج بنگال ۾ سامونڊي طوفان جي باقيات سبب ڪراچي ۾ 6 يا 7 آڪٽوبر تائين سامونڊي هوائون بند ٿي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو