ڪراچي ۾ سلينڊر ڌماڪو، 2 ڄڻا اجل جو شڪار، 7 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جَي علائقي لياقت آباد نمبر 9 ۾ سلينڊر ڌماڪي جَي نتيجي ۾ نينگر سميت 2 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته 4ٻارن سميت 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا آهن، واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، سڙي زخمي ٿيلن مان ڪجهه جِي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ 6 سالن جو عبدالهادي ۽ 30 ورهين جو نوجوان آصف علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ڊي سي سينٽرل جو چوڻ آهي ته گر ۾ اي سي جو ڪم ٿي رهيو هو جنهن سبب گئس ليڪيج جي ڪري ڌماڪو ٿيو، ملبي هيٺان ماڻهن جي دٻيل نه هجڻ جي تصديق بعد ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو