ڪراچي( رپورٽ شهزادو مستوئي ) ڪراچي ۾ ختم ٿيل ڀتا راڄ ٻيهر ڪر کنيو ملير ڪورٽ کانپوءِ ملير جيل فٽ پاٿ تي بااثر ڀتا کورن پاران پارڪنگ قائم ڪري ڇڏي ڀتي اوڳاڙي جي ڌنڌي ۾ تيزي سان اضافو اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن جيل تي ملاقات ۽ ڪورٽ تي حاضري تي ايندڙ شهرين کان بااثر وڏي پئماني تي غيرقانوني ڀتو اڳاڙڻڻ لڳا موٽر سائيڪل 20 رپيا رڪشو 50 رپيا ۽ ڪار 100 رپيا پارڪنگ مقرر شهرين جو ايس ايس پي ملير کان قائم غيرقانوني پارڪنگ اوڳاڙيندڙ ٽولي خلاف ڪارروائي جو مطالبو، پوليس ۽ ٻين اختيارين سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به بي خبر پوليس سستي سبب ڀتا مافيا ٻيهر مختلف روپ اختيار ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي










