ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ حددخلين ۽ غير قانوني عمارتن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي.چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني کاتن واري وزير ناصر شاهه، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته شهر ۾ هن وقت 6 هزار غير قانوني عمارتون موجود آهن.اجلاس ۾ شهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ ايم ڊي اي، ڪي ڊي اي ۽ ٻين سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا.گڏوگڏ ڪراچي ۾ غير قانوني عمارتن خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو، شهر ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مان منظور عمارتن تي ڪيو آر ڪوڊ لڳايو ويندو.اجلاس ۾ ڪراچي جي اولهه ضلعي ۾ پاڻي چوري خلاف به آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو.










