ڪراچي ۾ برسات سبب فلائيٽ آپريشن متاثر، 20 اڏامون رد

ڪراچي ۾ برسات سبب فلائيٽ آپريشن متاثر، 20 اڏامون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ تيز برسات سبب فلائيٽ آپريشن متاثر ٿيو آهي، اڄ مقرر ڪيل 20 اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب جهازن جي دستيابي سبب پي آءِ اي جون 16 اڏامون اڄ نه هلي سگهنديون.ڪراچي کان اسلام آباد جون 4 اڏامون به منسوخ ڪيون ويون، پي آءِ اي جي جده کان لاهور ويندڙ فلائيٽ کي ملتان ۽ اسلام آباد کان گلگت ويندڙ 4 اڏامون به منسوخ ڪيون ويون. ڪراچي کان اسلام آباد 4 ۽ اسلام آباد کان سکر جون 2 اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه دبئي کان اسلام آباد ويندڙ پي آءِ اي جون ٻه اڏامون به منسوخ ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڪوئيٽا کان اسلام آباد ويندڙ اڏام به ٽيڪ آف نه ڪندي.لاهور کان ڪوئيٽا ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام منسوخ ڪئي وئي، جڏهن ته دبئي کان اسلام آباد ويندڙ خانگي ايئرلائن جون ٻه ۽ دوحا کان ملتان ويندڙ پرڏيهي ايئرلائن جون ٻه اڏامون منسوخ ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو