ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پاور ٽرانسميشن ڪمپني اليڪٽرڪ ڪمپني چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بريڪ ڊائون کانپوءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي بحالي شروع ٿي وئي آهي. ڇنڇر جي رات گڊو ۾ 11:41 تي ٿي فالٽ ٿيڻ سبب ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو.ڪي اليڪٽرڪ ٻڌايو ته شهر ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ فيڊرل بي ايريا بلاڪ 14 ، نئين ناظم آباد ۽ ملير جي ڪجهه علائقن ۾ به بجلي بحال ڪئي وئي آهي.ترجمان موجب ڪي اليڪٽرڪ ويکا ، اوٿل، ڪي ڊي اي جي ڪجهه هنڌن تي بجلي بحال ڪئي وئي آهي ۽ مڪمل بحالي لاءِ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ڪم ڪري رهيو آهي.










