ڪراچي ۾ بارش، ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻن ڀائرن سميت 9 فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٿيندڙ تازين بارشن دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 9 ٿي ويو آهي جنهن ۾ 2 سڳا ڀائر به شامل آهن. ڪراچي ۾ بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ جي ناقص حڪمت عملي سبب شهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب اهي واقعا پيش آيا آهن. بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سان فوت ٿيندڙن جا واقعا سائٽ ايريا، اورنگي ٽائون، هجرت ڪالوني، موسيٰ ڪالوني، لانڍي، ظفر ٽائون ۽ ڪورنگي سميت ٻين علائقن ۾ پيش آيا آهن. جڏهن ته سائيٽ ايريا ۾ ڪرنٽ لڳڻ سان فوت ٿيندڙ جي گهرڀاتين سان ڪي اليڪٽرڪ همدردي جو اظهار ڪرڻ سان گڏ علائقي جي آفيسر کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف شهر جي ڪيترن ئي علائقن مان برسات جو پاڻي هن مهل تائين ناهي ڪڍيو ويو جنهن ڪري وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته ڪراچي ۾ جولاءِ مهيني جي آخري هفتي ۾ شروع ٿيندڙ مون سون برساتن ۾ ڪرنٽ لڳڻ وارن واقعن ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي ۾ برساتن دوران بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي 19 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو ذميوار ڪي اليڪٽرڪ کي قرار ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو