ڪراچي ۾ اڄ به گجگوڙ سان برسات ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي ۾ اڄ به گجگوڙ سان برسات ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي اڄ به شهر ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب ڪراچي ۾ اڄ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.سردار سرفراز چيو ته شهر ۾ اڄ منجهند کان برسات شروع ٿي سگهي ٿي جنهن دوران وچولي کان تيز برسات پوندي.ٻئي طرف موسميات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٺٽي، بدين ۽ ڪراچي جي ساحلي علائقن ۾ تيز برسات ٿي سگهي ٿي جڏهن ته عيد تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو