ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ اٽي جو بحران وڌي ويو. 10 ڪلو اٽي جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي غريب شهري لاءِ ٻارڙن کي پيٽ ڀري کارائڻ به ڏکيو ٿي ويو ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو ته شهر ۾ اٽو 130 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ سان شهرين جون رڙيون نڪري ويون شهرين ٻڌايو ته موجوده حڪومت اٽي جي قيمت وڌائي ٻن ويلن جي ماني به اسان کان کسي ورتي آهي ملڪ ۾ هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ سان تڪليفون وڌڻ لڳيون ته ٻئي پاسي ڪڻڪ جي بحران به شهرين جا هوش اڏائي ڇڏيا اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت وڌي ته چڪي جي مالڪن به اٽي جون قيمتون وڌائي ڇڏيون ملڪ ۾ اٽي جي قيمت 130 رپيا ڪلو ٿي وئي ڪراچي ۾ اٽو ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو آهي هڪ ڪلو جي قيمت 125 کان 130 رپين تائين ٿي وئي آهي لاهور ۾ 110 رپين کان 116 رپين ۾ هڪ ڪلو اٽو ملي رهيو آهي اسلام آباد ۾ 125 رپيا ڪوئيٽا ۾ 120 رپيا گجرانوالا ۾ چڪي جو اٽو 130 رپيا وڪرو ٿي رهيو آهي.










