ڪراچي: گهر ۾ گيس سلينڊر ڌماڪو، هڪ ڄڻو فوت

ڪراچي: گهر ۾ گيس سلينڊر ڌماڪو، هڪ ڄڻو فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ گهر ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.پوليس موجب اهو واقعو پيپلز چورنگي ڀرسان هڪ گهر ۾ پيش آيو، ڌماڪي کانپوءِ گهر کي باهه لڳي وئي.پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ فائر برگيڊ واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون.پوليس جو چوڻ آهي ته فائر ٽينڊر باهه وسائڻ جي عمل ۾ حصو ورتو ۽ باهه تي ضابطو آندو.پوليس جي شروعاتي اطلاعن موجب گهر ۾ ڌماڪو گيس لڪيج سبب ٿيو، گهر ۾ ڪمپيوٽر پارٽس جي آفيس هئي، ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي، مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ سلمان جي نالي سان ٿي آهي.اهو آفيس جو چوڪيدار هيو،پوليس موجب ڌماڪي سان آفيس ڀرسان گهرن کي به نقصان پهتو آهي، ڌماڪي ۾ ڌماڪيدار مادو جي استعمال جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو