ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شاهد آفريدي ڪراچي جي خراب ترين حالتن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اربين رپين جو ڪاروبار ۽ لکن ماڻهن کي روزگار ڏيندڙ شهر جي حالت ڏسي شرمندگي ٿئي ٿي.اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪٽر فواد عالم جي پوڊڪاسٽ ۾ گفتگو ڪندي شاهد آفريدي چيو ته ڪراچي ۾ تمام سٺا ماڻهو رهن ٿا ۽ مون پنهنجي زندگيءَ جا بهترين سال هتي گذاريا آهن، پر جڏهن ڪو ڪراچي کي ’پئرس‘ يا اهڙو ڪو ٻيو نالو ڏئي ٿو ته کل اچي ٿي. هن چيو ته اسلام آباد جي انفراراسٽرڪچر ۽ موسم کي ڏسندي اتي منتقل ٿيڻ جو فيصلو منهنجي لاءِ بهتر هو، مونکي ڪراچي شهر جي ته نه پر اتي جي ماڻهن جي تمام گهڻي ياد اچي ٿي.سياست ۾ اچڻ واري سوال تي اڳوڻي ڪپتان انڪشاف ڪيو ته مون اڳ ۾ سياست ۾ اچڻ جو سوچيو هو، پر 2019ع ۾ پنهنجو ارادو تبديل ڪري ڇڏيو، سياست منهنجو ڪم ناهي.










