ڪراچي: کير جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ اجلاس اڄ طلب

ڪراچي: کير جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ اجلاس اڄ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ کير جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي جي صدارت هيٺ ٽي ڪلاڪ جاري اجلاس بغير ڪنهن نتيجي ختم ٿي ويو.رپورٽن مطابق اجلاس اڄ شام 4:30 وڳي شروع ٿيندو جنهن ۾ قيمتن جو فيصلو ڪيو ويندو.ياد رهي ته گذريل هفتي کير وڪرو ڪندڙن هڪ ڀيرو ٻيهر کير جي اگهه ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ کير 200 رپيا في ليٽر وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.کير وڪڻندڙن قيمتن ۾ واڌ جو سبب چوپايو مال ۽ فصلن جي نقصان کي قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو