حيدرآباد (ن سنڌ يار) ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ضلعي انتظاميه ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کان 5 ڊسمبر تائين حيدر آباد جي ٻڌايل علائقا علائقا سيل رهنداحيدرآباد جي علائقي بلديه، ڪالوني، مبارڪ ڪالوني، صحافي ڪالوني ۽ گلستان فاطمه ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو. ڪوهسار دامن، ايئرپورٽ روڊ، نسيم نگر، قاسم آباد ۽ ڀٽائي نگر جا علائقا به بند رهندا.اسمارٽ لاڪ ڊائون جي دوران ميڊيڪل اسٽور، اسپتالون ۽ جنرل اسٽور مڪمل کليل رهندا










