ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪالا پل ويجهو خيبر ميل ٽرين جي اي سي بزنس ڪوچ نمبر 12 پٽڙي تان لهي وئي. ريلوي اختيارين موجب ڪراچي کان پشاور ويندڙ خيبر ميل روانگي جي ڪجهه دير بعد حادثو پيش آيو، ٽرين جي هڪ بوگي پٽڙي تان لهي وئي.اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، ٽرين جي ٻي بوگي جلد رواني ڪئي ويندي.










