ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻن سنڌ حڪومت کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي پاران ڪيل مالي ۽ انتظامي بدعنواني جي جاچ لاءِ سٺي ساک رکندڙ رٽائرڊ ججز تي ٻڌل هڪ احتساب ڪميشن جوڙيو وڃي جيڪو بدعنوانين ۾ ملوث ڪرپٽ وزيرن، صلاحڪارن ۽ ٻين جي خلاف ڪارروائي ڪري کين سخت کان سخت سزائون ڏي، نااهل، ڪرپٽ ۽ سنڌ دشمن پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ 2008 کان هن وقت تائين جي مالي ۽ انتظامي بدعنوانين ۽ صوبي کي بي اختيار ڪري سنڌ کي عملي طور تي جاگرافيائي طور ورهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ حڪومت کي برطرف ڪري سخت احتساب ڪيو وڃي ملڪ اندر موجوده سياسي ۽ رياستي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ بايو ميٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ذريعي عدليه جي نگراني ۾ جلد کان جلد عام چونڊون ڪرايون وڃن ڊجيٽل آدمشماري سنڌ ۾ رهندڙن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي 2017 جي آدمشماري کي قبول ڪيو وڃي ۽ 10 سالن کان پوءِ 2027 ۾ آئين مطابق نئين آدمشماري ڪرائي وڃي جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌائينداسين اهڙن خيالن جو اظهار سيد جلال محمود شاهه، زين شاهه، اسماعيل راشدي، صفدر عباسي، سردار رحيم، روشن علي ٻرڙو، خواجه نويد ۽ ٻين آچر تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي .جي اهتمام هيٺ پريس ڪلب چوڪ تي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو
Photo Sindhyar
جلسي کي جي ڊي اي ۽ ٻين سياسي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن به خطاب ڪيو ان کان اڳ پيپلزپارٽِ جي خراب حڪمراني، ڪرپشن، مهانگائي، بدحالي، بيروگاري جي خلاف ۽ سنڌ جي عوام جي سياسي، سماجي ۽ معاشي بحالي لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران پارٽي صدر سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ 15 فيبروري تي سکر مان نڪتل عظيم الشان ۽ تاريخي پنڌ سنڌ مارچ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ضلعن سکر، لاڙڪاڻو، سيوهڻ، قاضي احمد، سڪرنڊ، هالا، حيدرآباد، ٽنڊومحمد خان، سجاول ٺٽو، گهارو، ڌاٻيجي، قائدآباد، شاهراه فيصل کان مسلسل پنڌ هلندو ڦوهارا چوڪ تي هڪ وڏي عام جلسي کان پوءِ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو قافلي جي وک وک تي جي ڊي اي ۽ مختلف سياسي، مذهبي ۽ قومپرست پارٽين ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن پاران شاندارن آجيان ڪئي وئي ان دوران مختلف علائقن مان قافلا ان ۾ شامل ٿيندا رهيا ۽ قافلو اڳيان وڌندو رهيو سکر کان شروع ٿيندڙ پنڌ قافلي کي پنهنجي مقرر ڪيل روٽس کان ٿيندي ڦوهارا چوڪ ڪراچي تائين پهچڻ ۾ 33 ڏينهن لڳا مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن تڪليفون سهندي اٽڪل 700 ڪلوميٽر جو سفر پنڌ هلندي طئي ڪيو مسلسل پنڌ هلڻ جي ڪري مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن جي پيرن ۾ زخم ۽ لفون پئجي ويون سيد زين شاهه مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن جي نعرن جو جواب هٿ هلوڏي ڏيندو رهيو.
ہم سندھ بچانے نکلے ہین،
آئو ہمارے ساتھ چلو،ہم تنگ وڈیرون سردارون سے ،
آئو ہمارے ساتھ چلو،#SindhMarch pic.twitter.com/vn7N6b0eC2— @SaeedSangri (@saeedsangri) March 19, 2023
مارچ ۾ ماڻهو پنهنجي فئمليز سان شريڪ ٿيا جن ۾ عورتون، ٻار ۽ پيرسن به وڏي انگ ۾ شامل هئا مارچ ۾شريڪ ٿيندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي سنڌ حڪومت جي خلاف ۽ سنڌ جي عوام جي سياسي، معاشي ۽ سماجي بحالي لاءِ نعرا درج هئا ان موقعي تي مارچ کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ ڪنوينر سنڌ ايڪشن ڪميٽي سيد جلال محمود شاهه خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت کي بنا دير برطرف ڪيو وڃي ڪرپٽ سنڌ حڪومت جو سخت احتساب ڪيو وڃي ملڪ جي عدليه جي نگراني ۾ بنا دير شفاف چونڊون ڪرايون وڃن اسان سنڌ دشمن جڊيٽل آدمشماري کي نٿا مڃون اسان جي پرامن جدوجهد جاري رهندي.

ايس يو پي جي صدر زين شاهه چيو ته پاڪستان وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي قومي وجود، تاريخي تشخص، قدرتي وسيلن تي ڪنٽرول ۽ سنڌ جي حق حڪمراني کي وفاق طرفان ڪنٽرول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي زين شاهه چيو ته 2008 کان پيپلزپارٽي بيروني ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪندي رڳو پنهنجي اقتدار ۽ مال ملڪيت لاءِ سنڌ کي سياسي سماجي ۽ معاشي طور تي ظلم ۽ بداانتظامي جي ذريعي تباهه ڪري رهي آهي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت هر سال سنڌ جي خزاني مان 600 کان 800 ارب رپين جي ڪرپشن ڪري رهي آهي پيپلزپارٽي جيڪرپشن ۽ بيڊ گورننس جي ڪري سنڌ جو هرهڪ ادارو تباهه ٿي چڪو آهي سنڌ جي سامونڊي پٽي، زمينن کي پيپلزپارٽي ڀڳڙن جي مٺ تي کپائي ڇڏيو آهي سنڌ جي زمينن تي پيپلزپارٽي سرڪاري مشينري ذريعي قبضا ڪرايا آهن هر اداري ۾ قابليت ۽ ايمانداري بدران رشوت ۽ پنهنجا نوازي جو بازار گرم آهي عوام کي اهليت محنت ۽ عزت واري زخمي گذارڻ بدران حرام خوري، مفت خوري ۽ بي ايماني جي رستي تي هلائڻ سان اخلاق ۽ معاشرتي قدر ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪا آهن پيپلزپارٽي پنهنجي اقتدار جي عيوض سنڌ جي حڪمراني ۽ وسيلن جو اختيار آئيني طور تي سنڌ اسيمبلي جي ذريعي وفاق جي حوالي ڪندي رهي آهي. ٻٽي مڪاني نظام تحت سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو عمل هجي يا سنڌ ۾ غير ملڪي آبادڪاري، پيپلزپارٽي هميشه سنڌ جي مفادن جي خلاف ڪم ڪندي رهي آهي زين شاهه چيو ته وقت کان اڳ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري جي ذميوار به پيپلزپارٽي آهي 2017 جي آدمشماري جيڪا درست هئي ان کي پيپلزپارٽي تسليم نه ڪيو پيپلزپارٽي ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ ۾ آدمشماري کي قبول نه ڪري ٻيهر آدمشماري جو مطالبو ڪيو اڄ جنهن ڊجيٽل آدمشماري تي سڄي سنڌ بي اعتمادي جو اظهار ڪري رهي آهي اهو پيپلزپارٽي جي ڪري ٿي رهيو آهي. هٿ کان وٺي ٻوڏ جي ذريعي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تباهه ڪئي وئي 30 لک جي لڳ ڀڳ گهر تباهه ۽ هڪ کان ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا جنهن جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي جي ڊي اي جي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته اڃ پهريون پٿر اڇلايو آهي سنڌ ۾ شعور ضرور ايندو ايندڙ چونڊن ۾ عوام سنڌ دوستن کي ووٽ ڏي 15 سالن کان سنڌ معاشي ۽ سياسي تباهي جي ور چڙهيل آهي 2003 ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ جي ڊي اي ڀرپور حصو وٺي رهي آهي.

سنڌ دوست جماعتن کي گذارش آهي ته جي ڊي اي جو ساٿ ڏين سنڌ جي مستقبل لاءِ اسان کي موقعو ملندو حڪمران جو وقت هاڻي ختم ٿيو جي ڊي اي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته ايس يو پي جو لانگ مارچ حڪمرانن جي ايوانن ۾ اڇلايل هڪ پٿر اهي سنڌ جي عوام ڪرپٽ حڪمرانن جي خلاف گڏ آهي جيڪڏهن سنڌ نه هجي ها ته پاڪستان نه ٺهي ها سائين جي ايم سيد پاڪستان جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو زرداري سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي 15 سالن کان سنڌ کي لٽيو آهي 2023 جي عام چونڊن ۾ سنڌ جي عوام جي ڊي اي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري جلسي کي خطاب ڪندي پاڪستان مسلم ليگ فنشنل سنڌ جي جنرل سيرڪيٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ته مهانگائي چوٽ تي آهي غريبن جو جيئڻ عذاب بڻجي ويو آهي پر ظالم حڪمران کي پتو ئي نه آهي ته غريبن جو ڇا حال آهي سنڌ کي بي رحمي سان وڪرو ڪيو پيو وڃي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ وڃي عوام کي متحد ڪرڻو پوندو جيڪي سنڌ کي کپائڻ چاهين ٿا انهن سان ڪوبه گڏ نه آهي. هي حڪمرانن لاءِ ننڍڙو ٽريلر آهي جڏهن اسان جي قيادت اعلان ڪيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين لانگ مارچ ٿيندو ته انهن چورن کي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي جي ڊي اي جي اڳواڻ اسماعيل شاهه راشدي چيو ته ٻوڏ جا پئسا حڪمران کائي ويا سندن احتساب ٿيڻ گهرجي اصسان جي وڏڙن انگريزن اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو ڪڏهن به سنڌ جي حقن تي سوديبازي نه ڪنداسين انگريزن اڳيان نه جهڪندڙ قوم هڪ ڪرپٽ جماعت جي اڳيان ڪيئن ڪنڌ جهڪائي سگهي ٿي مسلم ليگ فنڪشل جي جنرل سيڪريٽري ۽ جي ڊي اي جي انفارميشن سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ته اسان اڄ هتي مهانگائي جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون جيستائين زرداري مافيا قابض رهندي عوام سک سان نه سمهندو اڄ هتي وڏي انگ ۾ ماڻهن جو اچڻ ان ڳالهه جو ثبوت اهي ته هاڻي پيپلزپارٽي جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات نويد امين چيو ته زرداري مافيا سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي سنڌ هي مطالبو ڪري ٿي ته پيپلزپارٽي پنهنجا ٽپڙ ويڙهي هلي وڃي زرداري جي ڪرپشن سنڌ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو اهي اڄ زرداري مافيا جي ڪري سنڌ جا ماڻهو بک بيروزگاري بدحالي وگهي مري رهيا آهن جلسي کي روشن علي ٻرڙو جڳديش آئوجا، امير آزاد پنهور، شيبا مغل ۽ ٻين خطاب ڪيو پنڌ سنڌ مارچ جي پڄاڻي تي ڪوٺايل جلسي ۾ مقررن مختلف ٺهراءُ منظور ڪيا انهن ۾ مطالبا ڪيا ويا انهن ٺهرائن ۾ چيو ويو ته هي جلسو مطالبو ڪري ٿو ته نااهل، ڪرپٽ ۽ سنڌ دشمن جماعت پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ 2008 کان هن وقت تائين جي مالي ۽ انتظامي بدعنوانين ۽ صوبي کي بي اختيار ڪري سنڌ کي عملي طور تي جاگرافيائي طور تي ورهائڻ جي ڪوشش جي ڏوهه ۾ سنڌ حڪومت کي هٽائي سخت احتجاج ڪيو وڃي.

هي جلسو گهر ڪري ٿو ته ملڪ اندر موجوده سياسي ۽ رياستي بحران جي خاتمي لاءِ بايو ميٽرڪ ۽ اليڪترانڪ ووٽنگ مشينن جي ذريعي عدليه جي نگراني ۾ جلد کان جلد عام چونڊون ڪرايون وڃن هي جلسو گهر ڪري ٿو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي پاران سنڌ ۾ ڪيل مالي ۽ انتظامي بدعنواني جي جاچ لاءِ سٺي ساک رکندڙ رٽائرڊ ججز تي ٻڌل هڪ احتساب ڪميشن جوڙي ان ۾ ملوث ڪرپٽ وزيرن، صلاحڪارن ۽ ٻين کي سخت سزائون ڏنيون وڃن هي جلسو هاڻوڪي ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪندي گهر ڪري ٿو ته 2017 جي آدمشماري کي قبول ڪيو وڃي ۽ 10 سالن کان پوءِ 2027 ۾ آئين مطابق نئين آدمشماري ڪرائي وڃي هي عام جلسو سمجهي ٿو ته 2022 ۾ هٿ کان وٺي پيدا ڪيل ٻوڏ جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي هن ٻوڏ جا سبب ۽ ان سان ٿيل سنڌ جي معاشي سان گڏوگڏ سماجي تباهي جي جاچ لاءِ ماهرن تي ٻڌل هڪ شفاف ڪميشن جوڙي هن تباهي جي ذميوار ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن هن عام جلسو مطالبو ڪري ٿو ته سنڌ ۾ پيدا ڪيل ٻوڏ سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي گهرن جي اڏاوت ۽ زرعي زمين جي بحالي لاءِ پرڏيهي ساک رکندڙ غير سرڪاري ادارن جي ذريعي مدد ڪئي وڃي هي عام جلسو سمجهي ٿو ته سنڌ جي مالي وسيلن، ٻيٽن سامونڊي پٽي ۽ زمينن تي ملڪيت جو حق سنڌ ۽ سنڌين جو آهي ان لاءِ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ان خلاف جيڪي به فيصلا ڪيا آهن انهن کي رد ڪيو وڃي ٿو هي عام جلسو گهر ڪري ٿو ته مهانگائي جي پاڙ پٽڻ لاءِ وي آئي پي ڪلچر ۽ سرڪاري شاهه خرچن کي ختم ڪيو وڇي ۽ امير طبقي جي مفادن وارين معاشي پاليسين کي تبديل ڪري ٽيڪس گهٽايا وڃن ۽ سڌي طرح ٽيڪسز ۾ اضافو ڪيو وڃي ته جيئن غريب طبقي کي فائدو ٿئي ۽ ماڻهن جو معاشي ٻوجهه گهٽجي سگهي.










