بلوچ خودڪش عورت جو حملو 3 چينين سميت 4 فوت

بلوچ خودڪش عورت جو حملو 3 چينين سميت 4 فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي جي حد ۾ خود ڪش حملي ۾ ٽن چيني استادن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 4 ٻيا زخمي ٿيا آهن. هي حملو اڱاري تي منجهند جو ان وقت ٿيو جڏهن هاسٽل کان ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڏانهن ايندڙ وقگن تي حملو ٿيو.ڪراچي جي پوليس چيف غلام النبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته مري ويلن ۾ ويگن ڊرائيور ۽ 3 غير ملڪي شهري شامل آهن ۽ 4 زخمين ۾ هڪ غير ملڪي شهري شامل آهي.مري ويلن ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر ۽ 2 چيني عورت استاد به شامل آهن. چيني شهرين جي سيڪورٽي لاءِ پويان موٽر سائيڪل تي انيدڙ ٻن رينجرز اهلڪارن سميت 4 زخمي آهن. ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي سربراهه راجا عمر خطاب موجب هي هڪ خودڪش حملو هو جيڪو هڪ عورت خود ڪش بمبار ڪيو. ڌماڪي ۾ ٽن کان 4 ڪلو گرام ڌماڪيدار مواد، بال بيئرنگ، ڪوڪا وغيره استعمال ٿيا. بلوچ لبريشن آرمي جي ترجمان جيئند بلوچ موجب حملو مجيد برگيڊ جي هڪ عورت فدائي ڪيو ۽ هي پهريون آهي ته تنظيم جي ڪنهن عورت خود ڪش حملو ڪيو آهي. مقامي ميڊيا تي هلندڙ فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جيئن ئي گاڏي ويجهو آئي ته هڪ برقعو پاتل عورت گاڏي ڏانهن ڀڄندي آئي ۽ ڌماڪو ٿيو.خود ڪش عورت بمبار رڪشي ۾ يونيورسٽي پهتي، رڪشي واري جي ڳولا جاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ممڪنه خود ڪش بمبار شازي بلوچ ٿي سگهي ٿي جنهن هن ئي يونيورستي مان تعليم مڪمل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو