ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي آپگھاتي حملي ڪيس ۾ سنڌ فارنزڪ ليباريٽري پڌرائي جاري ڪري ڇڏي. سنڌ فارنزڪ ليباريٽري جي پڌرائي موجب ڪراچي يونيورسٽي ليباريٽري ۾ لاشن جي سڃاڻپ جو تجزياتي ڪم پورو ڪيو جنهن کانپوءِ آپگھاتي حملي جي سمورن لاشن جي سڃاڻپ پوري ڪئي وئي آهي. سنڌ فارنزڪ ليب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس پاران چئن لاشن جا جزا ليباريٽري کي مليا هئا، ان مان ٽي پرڏيهي ۽ هڪ پاڪستاني ڊرائيور جا جزا هئا، مارجي ويلن چينين جي رشتيدارن جا جزا دستياب نه هئا.ترجمان ٻڌايو ته ماهرن جي راءِ ۾ پرڏيهين جي استعمال هيٺ سامان مان جزا حاصل ڪيا.










