ڪراچي واسي سڀ کان مهانگو اٽو ۽ کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور

ڪراچي واسي سڀ کان مهانگو اٽو ۽ کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ اٽي جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، گذريل هفتي ۾ 20 ڪلوگرام جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 300 رپين تائين واڌ ٿي آهي.ڪراچي جا رهواسي ملڪ جو سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، شهر قائد ۾ 20 ڪلوگرام جي ٿيلهي جي قيمت 2,100 رپين تائين پهچي وئي آهي.قومي شماريات بيورو جي تازي انگن اکرن موجب، ڪراچي جا رهواسي ملڪ جو سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، ڪراچي ۾ 20 ڪلوگرام جي ٿيلهي جي قيمت 2,100 رپين تائين پهچي وئي آهي.گذريل هفتي ۾، ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ خضدار ۾ 20 ڪلوگرام جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 300 رپين تائين واڌ ٿي آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۽ سکر ۾، 20 ڪلوگرام جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 280 رپين تائين واڌ ٿي آهي.هڪ هفتي ۾، ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلوگرام جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 210 رپين تائين وڌي وئي، ۽ اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، بنون ۽ ملتان ۾، 20 ڪلوگرام جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 200 رپين تائين وڌي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو