ڪراچي: نيو چالي جنريٽر مارڪيٽ ڀرسان عمارت ۾ باهه،1 ڄڻو فوت

ڪراچي: نيو چالي جنريٽر مارڪيٽ ڀرسان عمارت ۾ باهه،1 ڄڻو فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ نيو چالي جنريٽر مارڪيٽ ڀرسان عمارت ۾ باهه لڳي وئي، جنهن کي وسائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.پوليس موجب باهه لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.فائر برگيڊ اهلڪارن موجب عمارت ۾ مختلف آفيسون آهن، باهه عمارت جي 10هين ماڙ تي لڳي، ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسنارڪل پڻ آندو ويو آهي. عمارت ۾ موجود ماڻهن کي سنورڪلن جي مدد سان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي.اختيارين موجب 5 فائر ٽينڊر، 1 اسنارڪل ۽ 1 واٽر باؤزر باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو