ڪراچي: نجي ڪمپني جي ملازمن جي قتل ۾ ملوث وڌيڪ 2 جوابدارن گرفتار

ڪراچي: نجي ڪمپني جي ملازمن جي قتل ۾ ملوث وڌيڪ 2 جوابدارن گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پوليس مچھر ڪالوني مان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني جي ملازمن جي قتل ۾ ملوث وڌيڪ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ راشد ۽ عبدالقادر شامل آهن، جن جي گرفتاري وڊيو جي مدد سان ڪئي وئي.پوليس موجب گرفتار جوابدار وڊيو ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني جي فوت ٿيل ملازمن تي تشدد ڪندي نظر اچي رهيا آهن، هن وقت تائين ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جو انگ 42 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو