ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراڍي مان شهري کان ڦر ڪيل گاڏي ڪجهه ڪلاڪن ۾ بلوچستان جي علائقي مندر مان برآمد ڪئي وئي شهري پنهنجي گاڏي فيروزآباد ۾ سروس روڊ تي پارڪ ڪئي هئي جتان چوري ٿي وئي شهري پوليس کي شڪايت درج ڪرائي جنهن کان پوءِ اي وي ايل سي پوليس ڪار جو لوڪيشن ٽيسٽ ڪري ان کي وندر مان برآمد ڪئي پوليس مطابق ڪارروائي دوران ڪار چوري ڪندڙ ملزم فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنوري ۾ ڪراچي مان چوري يا کسجي وئي هئي گاڏين کي بلوچستان مان واپس آڻڻ جي حوالي سان ايس ايس پي اي وي ايل سي انور کيتران ڊي آئي جي سي آئي اي کي خط لکيو ته ايس ايس پي اي وي ايل سي انڪشاف ڪيو ته ڪراچي مان چوري ٿيندڙ ڪار بلوچستان ۾ ڊبلنگ جي نالي سان شو روم تي فروخت ٿينديون آهن خط ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ گاڏيون ڇيڪن جي ڪري اي وي ايل سي ٽيمون موڪليون وڃن ڪراچي ۾ وڏي تعداد ۾ گاڏيون بلوچستان ۾ اسمگل ڪيون وينديون آهن. گاڏيون ٽيمپرڊ ٿينديون آهن ۽ انهن کي ڊبلنگ جي نالي سان فروخت ڪيو ويندو آهي. ڪراچي مان چوري يا کسيل گاڏين کي به انهيءَ انداز ۾ تيار ڪيو ويندو آهي خط ۾ڻ چيو ويو ته شورومز جي ذريعي ماڻهن کي وڪرو ڪئي ويندي آهي ڪوئيٽا، قلعه سيف الله، نوشڪي، خضدار ۽ لورالائي ۾ اهڙا شوروم آهن بلوچستان پوليس ۽ ليويز جو ردعمل انتهائي لاتعلق آهي بلوچستان پوليس ۽ ليويز سان گڏ ملي ڪري چيڪنگ جي اجازت حاصل ڪئي وڃي.










